ديوانِ مرتضائي

ديوانِ مرتضائي

ديوانِ مرتضائي

ديوانِ مرتضائي (ڪتاب): ’انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي‘ پاران ڇپرايل هيءُ ڪتاب ’ديوان مرتضائي‘ سنڌ جي بنيادي عروضي شاعرن مان ’سيد غلام مرتضيٰ شاهه مرتضائيءَ‘ جي عروضي شاعريءَ تي مشتمل ڪتاب آهي. هن ديوان ۾ ’سيد غلام مرتضٰي شاهه، مرتضائيءَ‘ جا ڪُل 500 غزل شايع ٿيل آهن، جن ۾ 473 سنڌي غزل، 24 فارسي غزل ۽ 3 اردو غزل شامل آهن. ان کان سواءِ ٻه رباعيون به شايع ڪيون ويون آهن. ڪتاب جو مهاڳ ڊاڪٽر ديدار حسين شاهه رضويءَ جو لکيل آهي. ’ديوان مرتضائيءَ جو تشبيهي ماحصل‘ جي عنوان سان پيش لفظ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جو تحرير ڪيل آهي. ديوانِ مرتضائي جو ديباچو خود مصنف جو تصنيف ڪيل آهي. هي ڪتاب 2002ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. رنگين ٽائيٽل ۽ پڪي جلد سان ڊيمي سائيز جو هي ڪتاب 413 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن جو مُلهه 225 روپيا آهي.


لفظ ديوانِ مرتضائيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو